رحيم بخش خان بوزدار سردار

رحيـم بخـش خان بوزدار، سردار: مشهور سياسـتـدان ســردار رحيم بخش خان بوزدار ولد سردار خان محمد خان بوزدار، 1948ع ۾ ڳڙهي چاڪر، ميرپورماٿيلي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳڙهي چاڪر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلي مان، جڏهن ته باقي تعليم سکر ۾ حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ زمينداري ۽ ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. 25 مارچ 1983ع تي پيءُ جي وفات کانپوءِ کيس سرداري ملي ته پيءُ وانگر هن به سياسي، سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ ۽ فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مهر سردارن سان سياسي ويجهڙائپ رکي. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ميرپور ماٿيلي جي صوبائي سيٽ تان ميمبر چونڊيو. ان کان اڳ 1979ع ۾ لوڪلبورڊ سکر جو ميمبر ٿيو. ضياء الحق جي دور ۾ صوبائي ڪائونسل سنڌ جو ميمبر پڻ چونڊيو. 1990ع جي چونڊن ۾ ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1993ع وارين چونڊن ۾ ان سيٽ تان سردار احمد علي پتافيءَ کان هارايائين. 2008ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هن وقت اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو